لاهور ۾ برسات بعد موسم خوشگوار، هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي جمع

پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ تيز هوائن سان وقفي وقفي سان برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو پر هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو رپورٽ موجب آچر جي موڪل واري ڏينهن لاهور ۾ صبح کان وقفي وقفي سان برسات پئي، جنهن کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. مال روڊ، هال روڊ، ايبٽ روڊ، شمله پهاڙي، لڪشمي چوڪ، مزنگ، قرصبه چوڪ، جيل روڊ، فيروز پور روڊ، ڪينال روڊ، ملتان روڊ، چوبرجي، سمن آباد، گلبرگ سميت ٻين علائقن ۾ تيز برسات سبب گرمي ۽ حبس جو زور ٽٽي ويو ايئرپورٽ 31، پاني والا تلاءَ ۾ 20 ملي ميٽر، گلبرگ ۾ 10، لڪشمي چوڪ ۾ 6.4، مغل پوره ۾ 5.1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. تاج پوره ۾ 2، چوڪ ناخدا ۾ 9، فرخ آباد ۾ 7 ۽ گلشن راوي ۾ 1.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي برسات کان پوءِ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو پر انتظاميه مشينري ذريعي صفائي ۽ نيڪالي جي لاءِ انتظام شروع ڪري ڇڏيا هئا. ياد رهي ته موسميات کاتي سڀاڻي کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برساتن جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پاڻي جي نيڪال ۽ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الرٽ رهي.