ڪراچي جي مختلف علائقن، جن ۾ ريڊيو پاڪستان، ڪورنگي، شاهه فيصل ڪالوني، منگهوپير ۽ لانڍي شامل آهن، اتي خطرناڪ ٽريفڪ حادثا پيش آيا. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن حادثن ۾ هڪ عورت سميت ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا گلستان جوهر ۾ به هڪ فوڊ ڊليوري ڪندڙ رائيڊر تي گاڏي چڙهي وئي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿيو رپورٽ موجب، صرف هن سال ۾ ٽريفڪ حادثن سبب 536 شهري حياتي وڃائي چڪا آهن، جڏهنته 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. انهن مان ڪيترن کي مستقل معذوريءَ جو شڪار ٿي سخت تڪليفن سان زندگي گذارڻي پئجي رهي آهي.