“سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جو قتل — سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو عدالتي بائيڪاٽ، ججن سان ٽڪراءُ”

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پنهنجي سينيئر ميمبر ۽ نامور وڪيل خواجه شمس الاسلام جي بيههيمانہ قتل خلاف عدالتي ڪارروائين جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.
عدالتن ۾ وڪيلن پاران احتجاجي نعرا هنيا ويا ۽ ججن کان مطالبو ڪيو ويو ته عدالتي بورڊ ڊسچارج ڪيو وڃي.
📢 احتجاج دوران ڇرڪائيندڙ منظر
احتجاج دوران وڪيلن پنهنجي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته:
“انصاف جي فراهمي ۽ وڪيلن جي تحفظ لاءِ هاڻ عملی قدم کڻڻا پوندا، فقط مذمتي بيان ڪافي نه آهن.”
👨‍⚖️ ججن جو ردعمل
قائم مقام چيف جسٽس ظفر راجپوت فوري طور بورڊ ڊسچارج ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو:
“وقفو ٿيڻ بعد ئي بورڊ ڊسچارج ڪيو ويندو.”
آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا به سخت موقف اختيار ڪندي چيو:
“ٽي وي تي سڀ ڪجهه اچي چڪو آهي، ملزم جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ هو ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻ احتجاج جو ڪهڙو فائدو؟”
ان موقعي تي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمن ڪورٽ روم ڇڏي چيمبر هليا ويا.
⚖️ قانوني برادري جو ڌڪ
خواجه شمس الاسلام جو شمار سندھ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ۽ بااثر وڪيلن ۾ ٿيندو هو. سندن قتل قانوني برادري کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
وڪيلن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته:
“قاتلن کي فوري ۽ عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.”
🔫 واقعو ڪيئن ٿيو؟
ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي ڊي فنس ۾ نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ خواجه شمس الاسلام شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿيو هو.