مستونگ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ڇهه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ٽرين ڪوئٽه کان پشاور لاءِ صبح 9 وڳي رواني ٿي هئي ۽ سپرينڊ مستونگ ڀرسان گذرڻ دوران هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو حادثي ۾ 4 مسافر معمولي زخمي ٿيا جن کي فوري طبي امداد ڏني وئي. ريلوي جي امدادي ٽيمون ۽ اختيارين فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون، جڏهنته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ورتو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ به موجود آهي ۽ ٽريڪ جي ڪليئرنس کان پوءِ مسافرن کي ريليف ٽرين ذريعي ڪوئٽه منتقل ڪيو ويندو ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي چيو ته “دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي حوصلي کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.”
