آرمي چيف عاصم منير جو آمريڪي دورو: اهم ملاقاتون، عسڪري تعاون ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي پيغام

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهتو، جتي هن آمريڪي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان گڏ پاڪستاني ڄائي ڪميونٽي جي نمائندن سان به ملاقاتون ڪيون ٽامپا ۾ هن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جي اڳوڻي ڪمانڊر جنرل مائيڪل اي ڪرلا جي رٽائرمينٽ ۽ نئين ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر جي چارج سنڀالڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن جنرل ڪرلا جي قيادت ۽ پاڪ-آمريڪا عسڪري تعاون ۾ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ايڊمرل ڪوپر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آرمي چيف آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين سان به ملاقات ڪئي، جتي گڏيل پيشه وارانه دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنرل عاصم منير، جنرل ڪين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ان سان گڏ، هن دوست ملڪن جي دفاعي سربراهن سان غير رسمي ملاقاتون پڻ ڪيون پاڪستاني ڪميونٽي سان هڪ نشست دوران آرمي چيف چيو ته ملڪ جي روشن مستقبل تي اعتماد رکيو وڃي ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. ڪميونٽي ميمبرن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

پنھنجي راءِ لکو