ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا، راشد منهاس روڊ تي هڪ ڊمپر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀيڻ ڀاءُ فوت ۽ سندن والد زخمي ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ 22 ورهين جي ماهه نور ۽ 14 ورهين جو علي رضا زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ٿيڻ دوران جان وڃائي ويٺا، جڏهن ته والد شاڪر ولد صلاح الدين علاج هيٺ آهي حادثي کان پوءِ علائقي جا شهري مچرجي پيا ۽ 7 ڊمپرز کي باهه ڏئي ڇڏي. ماڻهن حادثي جا ذميوار سمجهيل ڊمپر ڊرائيور کي تشدد کان پوءِ پوليس حوالي ڪيو. پوليس روڊ تي ٿيل نقصان ۽ باهه ڏيڻ جي الزام ۾ 10 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته راشد منهاس روڊ ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ لاءِ بند رهيو ڊمپر ڊرائيور ايسوسيئيشن واقعو تي سخت ردعمل ڏيندي سپر هاءِ وي تي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ايسوسيئيشن جي صدر حاجي لياقت محسود چيو ته حادثو ٽينڪر جي ٽڪر سبب ٿيو، پر ماڻهن ڊمپر ساڙي ڇڏيا، جنهن جو ذميوار هو سنڌ حڪومت کي سمجهي ٿو سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي ذميوار ڊرائيور کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ۽ شهريَن کي اپيل ڪئي ته قانون هٿ ۾ نه وٺن
