صوبائي وزير سياحت، ثقافت ذوالفقار علي شاهه اوچتو عمرڪوٽ قلعي جي دوري لاءِ پهچي ويو، غيرقانوني فيس وصول ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار

صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه جو عمرڪوٽ قلعي جو اوچتو دورو، سياحن کان غير قانوني فيس وصول ڪندڙ ٻه ڄڻا گرفتار، ناقص انتظام، محڪماتي حڪمن جي نظراندازي ۽ غير قانوني فيسون وٺڻ تي انچارج کي معطل ڪيو ويو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه اوچتو سڃاڻپ بدلائي عمرڪوٽ قلعي پهتو جتي ايجنٽن صوبائي وزير کان ٻه سئو رپيا فيس گهري، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه فيس ڏئي رسيد گهري، جيڪا انتظاميه وٽ موجود نه هئي جنهن کان پوءِ صوبائي وزير جي حڪم تي پوليس ٻن ملازمن کي واقعي واري هنڌ تي گرفتار ڪري، ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه انچارج کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير کي ڏسي سياحن انتظاميه خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي صوبائي وزير سياحت، ثقافر سيد ذوالفقار علي چيو ته ڪنهن جي به لاپرواهي ۽ ڪرپشن برداشت نه ڪندس، ملازمن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، سياحتي هنڌن تي جيڪڏهن سياحن کي تڪليف ڏني وئي ته ذميوار کي فوري معطل ڪيو ويندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ سياحتي ۽ ثقافتي مرڪزن جا اوچتا دورا ڪندس.

پنھنجي راءِ لکو