خيبرپختونخواهه ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي جاني نقصان تي اسلام آباد ۾ معرڪه حق ۽ جشن آزادي جون اڄ ۽ سڀاڻي طئي ٿيل تقريبون ملتوي ڪيون ويون وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ جي هدايت تي ايف نائن پارڪ ۾ ٿيل پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ رليف سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي خيبرپختونخواهه ۾ اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي قومي جهنڊو به جهڪائي رکيو ويندو. صوبي ۾ تيز برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي جنهن سبب 332 ڄڻا فوت ٿي ويا. صوبي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ وڌيڪ فوجي به امدادي ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اماڻيا ويا آهن.
