باجوڙ: امداد کڻي ويندڙ ڪي پي ڪي حڪومت جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 5 ڄڻا شهيد

ڪي پي ڪي حڪومت جو هيليڪاپٽر امدادي سامان باجوڙ کڻي ويندي مهمند ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پائلٽن سميت پنج ڄڻا شهيد ٿي ويا چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي انهي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هيليڪاپٽر پشاور کان باجوڙ وڃي رهيو هو ته ضلعي مهمند ۾ انهي جو رابطو ڪاٽا ٿي ويو، خراب موسم سبب هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو. اعليٰ اختيارين موجب هيليڪاپٽر چينگي پانڊه ۾ ڪري پيو آهي جنهن ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته مهمند جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڌماڪي جا آواز به ٻڌا ويا، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي واري جڳهه تائين پهچڻ جو رستو تمام گهڻو ڏکيو آهي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر باجوڙ جي برسات سبب متاثر علائقي سالرزئي ۾ امدادي سامان کڻي وڃي رهيو هو، خراب موسم سبب ضلعي مهمند جي فضائي حدن ۾ هيليڪاپٽر سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو، هيليڪاپٽر سان رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون، علائقي ۾ فوري طور تي ٽيمون اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻيو هيليڪاپٽر بونير ۾ ريسڪيو ڪارروائين ۾ مصروف آهن وڏي وزير چيو ته انهي افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 2 پائليٽن سميت عملي جا پنج ماڻهو شهيد ٿي ويا، صوبائي حڪومت سڀاڻي سوڳ ملهائيندي، سڀاڻي صوبي ۾ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. حادثي جي جڳهه تي امدادي ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن هن چيو ته شهيدن جا لاش پوري سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا. هيليڪاپٽر عملي ٻين جون حياتيون بچائڻ جي لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون، اهي اسان جا اصل هيرو آهن. انهن جون قربانيون تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.

پنھنجي راءِ لکو