پريالوء ڀرسان ۾ ڳاڙهي موري جي ڳوٺ ميرالدين کيڙو جي رهواسين بااثر شخص پيرل کيڙو ۽ ساٿين جي مبينه زمين قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين الزام هنيو ته بااثر هٿياربندن گذريل رات سندن ٺهندڙ گهر ڊاهي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻن ڏينهن اڳ به سندن گهر تي حملو ڪري ٻن ماڻهن کي سخت زخمي ڪيو ويو. رهواسين وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر پوليس کي رشوت ڏئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي تنگ پئي ڪري. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو
