ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي خوشخبري: معاوضو ٻيڻو، فوت ٿيلن جي وارثن کي 20 لک روپيا ملندا

خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته وڏي وزير جي هدايت تي ٻوڏ متاثرن لاءِ معاوضي جو پيڪيج ٻيڻو ڪيو ويو آهي پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته صوابي پيڪيج تحت فوت ٿيل ماڻهن لاءِ معاوضو 10 لک مان وڌائي 20 لک روپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمورن ضلعن کي معاوضي جي ادائيگي لاءِ 85 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن بيرسٽر سيف چيو ته ڪالهه وڏي وزير سوات ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ معاوضي جا چيڪ ورهايا آهن ۽ اڄ کان باضابطه طور تي سمورن متاثر ضلعن ۾ معاوضي جي چيڪس جي ورهاست شروع ٿي ويندي هن وڌيڪ چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرين سان ڪلهو ڪلهي سان بيٺل آهي. عوام کي اپيل آهي ته ندي نالن کان پري رهن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.

پنھنجي راءِ لکو