خيبرپختونخواهه ٻوڏ متاثرين لاءِ وڏو اعلان – وزيراعظم وفاقي ڪابينه جي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين لاءِ وفاقي ڪابينه جي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهيڪراچي ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته هي وقت سياست ڪرڻ جو نه پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو آهي. هن وفاقي ادارن کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿينوزيراعظم ٻڌايو ته متاثرين کي وزيراعظم پيڪيج تحت امدادي رقم فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ واضع ڪيو ته امدادي شين جي ورهاست ۽ بحاليءَ جي نگراني مختلف وفاقي وزير ڪندا، جڏهن ته ڪشمير معاملن وارو وزير به سڌي ريت آپريشن تي نظر رکندو.
هن چيو ته لاڳاپيل وزير خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پاڻ ويندا ۽ يقيني بڻائيندا ته اين ايڇ اي شاهراهن ۾ ڪنهن به رنڊڪ نه وجهي، ڇو ته امداد پهچائڻ لاءِ رستا کولڻ پهرين ترجيح آهي. توانائي وارو وزير متاثر علائقن جو دورو ڪندو، جڏهن ته اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فوري طور نقصانن جو تفصيلي جائزو پيش ڪري ۽ ورهاست جو واضح لائحه عمل تيار ڪريوزيراعظم ناڻي واري وزارت کي اين ڊي ايم اي لاءِ ضروري وسيلا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته آخري شخص تائين امداد پهچائڻ تائين وفاقي وزير علائقن ۾ موجود رهندا. ساڳي وقت صحت واري وزارت کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته دوائون، ڊاڪٽرن جون ٽيمون ۽ ڪيمپس متاثر علائقن ۾ قائم ڪيا وڃنان کان علاوه، وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي به متاثرين جي مدد لاءِ متحرڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنھنجي راءِ لکو