صوابي ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ لينڊ سلائيڊنگ – 15 فوت، ڪيترائي گهر تباهه، ريسڪيو آپريشن جاري

خيبرپختونخواهه جي ضلعي صوابي ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ لينڊ سلائيڊنگ تباهي آڻي ڇڏي. شروعاتي اطلاعن موجب 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا ڊپٽي ڪمشنر صوابي نصرالله خان ٻڌايو ته دالوڙي ڳوٺ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 12 گهر مڪمل طور تي ٻڏي ويا ۽ ٻوڏ وهڪرن جي رفتار انتهائي تيز هئي. جابلو علائقو هجڻ سبب مختلف هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ به ٿي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا. انتظاميه، ريسڪيو ۽ ٻيون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هري پور ۽ مردان مان به ريسڪيو ٽيمون گهرائيون ويون آهنرپورٽ موجب ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ گهرن جي ڇتين تي چڙهي ويا. 70 کان وڌيڪ ڦاٿل ماڻهن کي ٻوڏ جي پاڻي مان ريسڪيو ڪيو ويو آهي. رزڙ، لاهور ۽ ٽوپي جي علائقن ۾ طوفاني برسات کان پوءِ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، جتي ماڻهن ڇتين تي پناهه ورتي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪمشنر مردان ۽ ٻين اختيارين سان رابطو ڪري ڊپٽي ڪمشنر صوابي کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي متاثر علائقن ۾ پهچي ريسڪيو سرگرمين جي نگراني ڪري. هن يقين ڏياريو ته سڀ وسيلا ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان متاثر علائقن ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ماڻهن جون حياتيون بچائي سگهجن
ٻئي طرف، اسپتال ذريعن ٻڌايو ته گدون امزئي جي ڳوٺ سرڪوني پايان ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿيا. فوتين ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن، جن جا لاش ۽ زخمي اسپتال آندا ويا آهن

پنھنجي راءِ لکو