پرويز الاهي جي ضمانت لاءِ وارنٽ جاري – عدالت هڪ ڏينهن حاضري جي معافي رد ڪري ڇڏي

لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت پنجاب اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ماني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل عدالت کان هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست ڪئي، موقف ڏيندي چيو ته پرويز الاهي بيمار آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهيعدالت پرويز الاهي جي درخواست تي ناراضگي ظاهر ڪندي اها رد ڪري ڇڏي ۽ ضمانت لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ياد رهي ته ايف آءِ اي لاهور پرويز الاهي سميت ٻين خلاف اڻ مڪمل چالان جمع ڪرائي رکيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو