سانگهڙ ۾ مبينه طور خودڪشي ڪندڙ صحافي خاور حسين جا گهر ڀاتي سومر جي صبح آمريڪا کان ڪراچي پهچي ويا. خاور حسين جو ڀاءُ، والد ۽ والدہ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي حيدرآباد ذريعي سانگهڙ آيا خاور حسين جي والد چيو: “منهنجو پٽ دلير انسان هو، اهو پاڻ کي گولي نٿو هڻي سگهي، اهو سڌو سنئون قتل آهي. اسان جو ڪنهن سان ڪوبه تڪرار يا جهيڙو نه هو ياد رهي ته صحافي خاور حسين جو لاش سانگهڙ ۾ حيدرآباد روڊ تي نجي هوٽل ٻاهران پنهنجي گاڏي مان مليو هو. شروعاتي رپورٽ موجب سانگهڙ پوليس خاور حسين جي مرڻ کي مبينه خودڪشي قرار ڏنو. خاور حسين ڪراچي ۾ مختلف نجي چينلز ۾ ڪم ڪري چڪو هوٻئي طرف، آءِ جي سنڌ خاور حسين جي قتل يا خودڪشي جي مڪمل جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ آزاد خان جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ويسٽ زون ڪراچي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سانگهڙ عابد بلوچ به شامل آهن.
