راولپنڊي عدالت جو فيصلو: عاليه حمزه جي ضمانت رد، اعظم سواتي ۽ سلمان اڪرم راجا کي رليف

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته سلمان اڪرم راجا ۽ اعظم سواتي جي ضمانتن ۾ واڌ ڪئي وئي دهشتگردي جي عدالت جي جج امجد علي شاهه آڪٽوبر ۽ 26 نومبر جي احتجاج ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي پراسيڪيوٽر سيد ظهير شاهه دليل ڏيندي چيو ته جوابدار ڄاڻي واڻي جاچ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته عاليه حمزه اڳ به ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ورتي هئي، پر هن حاضري ۽ پيروي نه ڪئي، جنهن تي عدالت سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي ٻڌڻي دوران اعظم سواتي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته هو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، تنهنڪري کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت درخواست قبول ڪندي سندس ضمانت ۾ 27 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي ساڳي وقت، پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا به عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت سندس ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پنھنجي راءِ لکو