حيدرآباد، ڄامشورو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

ڪراچي کان علاوه حيدرآباد، ڄامشورو سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات سبب ڊرينيج جو سسٽم تباهه، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا حيدرآباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. برسات سبب حيسڪو ريجن جا 662 فيڊرز مان 185 بند ٿي ويا. حيدرآباد ضلعي جي 152 فيڊرز مان 62 فيڊرز ٽرپ ٿي ويا. ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾ تيز برسات سبب سمورو نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڏوراهين وارن علائن ۾ به تيز برسات پئي انهي کان علاوه بدين، ڄامشورو، دادو سميت ڀرپاسي ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي جڏهن ته چمبڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو.

پنھنجي راءِ لکو