برسات کان پوءِ ڪراچي جي 550 فيڊرز تي بجلي جي فراهمي معطل، ڪيترن ئي علائقن ۾ 16 ڪلاڪن کان بجلي بند

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به بجلي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي، شهري گرمي ۽ حبس سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا برسات کان پوءِ پيدا ٿيل حبس جي صورتحال سبب شهري سخت پريشان آهن، بجلي جي فراهمي معطل ٿيندي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا آهن ڪراچي ۾ اڱاري جي صبح کان وقفي وقفي سان پيل برسات کان پوءِ شهر جي 550 فيڊرز تي بجلي جي فراهمي معطل آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ 16 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته 2100 مان 1550 کان وڌيڪ فيڊرز تي بجلي جي فراهمي جاري آهي ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب تيز برسات سبب شهر ۾ روڊ پاڻي هيٺ آهن، ڪراچي ۾ تيل جي سپلاءِ بند ٿيڻ سبب به ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي رهي آهي. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته برسات بند ٿيندي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن عملو فالٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اڃان تائين ناهي پهتو. ٻئي طرف شهر ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس به متاثر آهي.

پنھنجي راءِ لکو