ڪراچي ۾ تيز برسات: مسافر ۽ فضائي عملو ايئرپورٽ تي نه پهچي سگهيو، ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل تيز برسات سبب ملڪي ۽ عالمي اڏامن جو شيڊول به سخت متاثر ٿيو آهي ايئرپورٽ ذريعن موجب جناح ٽرمينل کان آپريٽ ٿيل اندرون ملڪ جون ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ڪيون ويون. اهڙي طرح قومي ايئر لائن جي ڪراچي کان اسلام آباد ۽ اسلام آباد کان ڪراچي جون اڏامون به ملتوي ڪيون ويون آهن ٻئي طرف ڪراچي کان اندرون ملڪ ويندڙ اڏامون ڪيترائي ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي ويون آهن، جناح ٽرمينل تان عالمي اڏامون به دير سان آپريٽ ٿيون ذريعن ٻڌايو آهي ته نجي ائر لائين جي ڪراچي کان جده جي اڏام 7 ڪلاڪ دير جو شڪار رهي، اڏام جي دير سبب مسافرن طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي، مسافرن جي اڪثريت عمره زائرين تي ٻڌل آهي ذريعن موجب برسات سبب مسافرن جو گهٽ تعداد ايئرپورٽ تي پهچي سگهيو، ايستائين جو ايئرپورٽ تي مقرر پي اي اي ۽ ايئر لائنز عملي جو وڏو انگ به ڊيوٽي تي نه پهچي سگهيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته فلائٽ انڪوائري جا فون نمبر نه پيا لڳن جنهن سبب مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو