اسلام آباد وزيراعظم شهباز شريف جو ڪي پي ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو، متاثرن خاندانن کي هر ممڪن امداد ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي، بونير ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ته پاڻي جي فطري لنگهن تي هوٽل ٺاهڻ سنگين غلطي آهي، اُن جي ڪابه معافي ناهي، غيرقانوني قبضا، ٽمبر مافيا ۽ مائيننگ جون سرگرميون وڏي نقصان جو ڪارڻ آهن، پاڪستان کي سخت رياست ٿيڻو پوندو، ڪنهن کي قانون کان مٿانهون ٿيڻ نه ڏينداسين، هڪ پاسي پاڪ فوج خوارجين سان مقابلو ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، وزيراعظم پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تي پاڪ فوج ۽ فيلڊ مارشل کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ فوج بوڏ متاثرن سان گڏ آهي، انهن جي هر ممڪن ڪئي ويندي.
