ڪراچي برسات: وزيراعظم شهباز شريف جا سياسي اڳواڻن سان رابطا، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ صورتحال تي سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪري تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي،رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهين ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تيز برسات سبب قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سنڌ حڪومت جي هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي جڏهن ته چيئرمين اين ڊي ايم اي کي به سنڌ حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي،وزيراعظم وفاقي وزير تعليم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان به سنڌ ۾ تازين برساتن، ٻوڏ صورتحال ۽ امڪاني برساتن جي خطرن بابت ڳالهيون ڪيون. انهي کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم سان به رابطو ڪيو ۽ ڪي پي ڪي ۾ برسات جي نقصانن، امدادي سرگرمين ۾ الخدمت فائونڊيشن جي اڳيان وڌي حصو وٺڻ جي تعريف ڪئي،وزيراعظم انهي موقعي تي يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين وفاقي ادارن جي ذريعي صوبن سان مڪمل تعاون ڪندي

پنھنجي راءِ لکو