International Monetary Fund ۽ پاڪستان وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهين جو ٻيون دور مڪمل ٿي ويو، جنهن دوران حڪومت 215 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.ذريعن موجب حڪومت مجموعي طور 430 ارب رپين جا ريونيُو قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي ته جيئن مالي هدف حاصل ڪري سگهجن.حڪومت ريٽيل سيڪٽر مان سيلز ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تحت واپارين کي سيلز ٽيڪس نيٽ ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويندو. ان مقصد لاءِ رجسٽريشن جو طريقو آسان ۽ گهٽ پيچيده بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس وصولي کي شفاف بڻائڻ لاءِ سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي ٿرڊ شيڊيول جو دائرو به وڌايو ويندو. هن وقت گهڻيون پيڪ ٿيل شيون اٺين شيڊيول ۾ شامل آهن، جتي شين تي قيمت ۽ ٽيڪس جي شرح واضح طور درج نه هوندي آهي.
يندڙ بجيٽ ۾ ڪيترين ئي پيڪ ٿيل شين کي اٺين شيڊيول مان ڪڍي ٿرڊ شيڊيول ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٺاهيندڙ ڪمپنيون شين تي قيمت ۽ ٽيڪس جي شرح واضح نموني ظاهر ڪن.Federal Board of Revenue ذريعن موجب انهن قدمن جو مقصد ٽيڪس چوري روڪڻ، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ آءِ ايم ايف جي ريونيُو هدفن کي پورو ڪرڻ آهي.
