International Monetary Fund پنهنجي جائزه رپورٽ ۾ پاڪستان جي ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي هدفن، ٽيڪس وصولين ۽ خرچن جا تفصيلي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب ايندڙ مالي سال لاءِ مجموعي ٽيڪس وصولين جو هدف 15 هزار 264 ارب رپيا مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. ان تحت ڊائريڪٽ ٽيڪسن مان 7 هزار 413 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس مان 4 هزار 727 ارب رپيا، ڪسٽم ڊيوٽي مان 1 هزار 651 ارب رپيا ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مان 1 هزار 43 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.
آءِ ايم ايف موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي مان ايندڙ مالي سال 1 هزار 727 ارب رپيا گڏ ٿيڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته گيس سرچارج مان 151 ارب رپيا حاصل ٿي سگهن ٿا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نان ٽيڪس آمدني ايندڙ مالي سال 2 هزار 768 ارب رپيا رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان جي مجموعي خرچن جو اندازو 26 هزار 423 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. وفاقي خرچ 16 هزار 921 ارب رپين تائين پهچي سگهن ٿا.رپورٽ موجب سود ۽ قرضن جي ادائيگي تي سڀ کان وڌيڪ 7 هزار 824 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن مان مقامي قرضن جي ادائيگي لاءِ 6 هزار 652 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرضن لاءِ 1 هزار 107 ارب رپيا رکيا ويا آهن.آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ دفاعي بجيٽ جو اندازو 2 هزار 665 ارب رپيا لڳايو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دفاعي خرچ 2 هزار 564 ارب رپيا رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
