پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي صوابي ۾ برسات ۽ ڪائوڊ برسٽ جي نتيجي ۾ 18 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جڏهن ته 42 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن،صوابي جي ڳوٺ دالوڙي بالا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 18 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا هئا، تباهه ٿيل گهرن ۾ 40 ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي ويا هئا، ڊپٽي ڪمشنر صوابي نصرالله نجي چينل سان ڳالهين دوران ٻڌايو ته متاثر ٿيل علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ملبي مان 40 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي جنهن ۾ 37 لاش ۽ 3 زخمي شامل آهن،ڊپٽي ڪمشنر موجب سرڪوئي پايان ۾ به ڪلائوڊ برسٽ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته هڪ نوجوان ڪرنل شير ندي جي هنڌ تي ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويو جنهن جي لاش کي گذريل ڏينهن ريسڪيو ٽيمن ڪڍيو،ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي صوابي ۾ برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ سبب گڏيل طور تي 42 فوتگيون ٿيون آهن. ڪلائوڊ برسٽ سبب دالوڙي بالا ۾ 17 گهر، سرڪوئي ۾ هڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيو جڏهن ته گڏيل طور تي 27 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. متاثر علائقي دالوڙي بالا ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي
