بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي، سي ٽي ڊي (Counter Terrorism Department) ڪالعدم تنظيم بي ايل اي ۽ فتنه الھندوستان جي هڪ اهم ڪارڪن، مير خان محمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هو ڊاڪٽر عثمان قاضي جو ويجهو ساٿي ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن کي تازو ئي ڪوئيٽا ۾ هڪ خودڪش حملو ڪندڙ کي تيارڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو
ذريعن موجب، مير خان محمد انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ بلوچستان ۾ پراسيڪيوٽر انسپيڪٽر طور خدمتون انجام ڏنيون. مٿس اهو الزام آهي ته هو سرڪاري پگهار تي هئڻ باوجود رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ ملوث رهيو.
هن گرفتاري کان پوءِ، اختيارين مير خان محمد کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي. هڪ انڪشاف سامهون آيو آهي ته هو درجن کان وڌيڪ دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هو.
هي ڪارروائي انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪئي وئي، جيڪا جولاءِ جي آخري هفتي ۾ ملي هئي ته فتنه الھندوستان نالي ڪالعدم تنظيم آگسٽ ۾ ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردي جي حملن جو منصوبو ٺاهيو هو. ان اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري ڪارروائي ڪندي ان منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ان کان اڳ، 11 آگسٽ تي ڪوئيٽا مان هڪ خودڪش حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو هو. هن پنهنجي ابتدائي تفتیش ۾ انڪشاف ڪيو ته کيس بيوٽيمز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قاضي خودڪش حملي لاءِ تيار ڪيو هو. ان معلومات جي بنياد تي، سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي ڊاڪٽر عثمان قاضي کي افنان ٽائون مان گرفتار ڪري ورتو هو.
هي گرفتاريون ظاهر ڪن ٿيون ته اختيارين بلوچستان ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
