چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي پاڪستاني آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جواعلان

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان چين جي وزير خارجہ وانگ اي جي اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪت داري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو۔

آئي ايس پي آر موجب، پاڪستان جي دوري تي آيل چين جي وزير خارجہ وانگ اي اسلام آباد ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي جتي علائقائي سلامتي، دهشتگردي خلاف گڏيل تعاون ۽ باهمي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔

بيان مطابق، ٻنهي طرفن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي گڏجي ڪم ڪرڻ هر صورتحال اسٽريٽجڪ شراڪت داري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو پڪو عهد ڪيو۔ ملاقات دوران وانگ اي پاڪستان جي خودمختياري ۽ ترقي لاءِ چين جي حمايت جو به يقين ڏياريو۔

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چين جي مستقل تعاون تي ٿورائتو ٿيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا۔

ياد رهي ته چين جي وزير خارجہ وانگ اي گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي هئي، جتي وزيراعظم چين جي حمايت تي شڪر گذاري ڪندي چيو ته پاڪستان به چين جي بنيادي معاملن تي پنهنجي غير متزلزل حمايت جاري رکندو۔ شهباز شريف چين سان تعاون وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ جي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي۔

چيني وزير خارجہ ان موقعي تي چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي نون اوچائين تائين وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي۔

ان کان اڳ، وانگ اي صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ علائقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي۔ صدر زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر۽ “آزمودا دوست” آهن، جڏهن⁠ ته چين سان دوستي پاڪستان جي خارجه پاليسي جو بنيادي ستون آهي، جنهن کي عوام، سياست ۽ ادارن جي سطح تي مڪمل حمايت حاصل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو