📰 9 مئي ڪيس ۾ عمران خان جو ڀاڻيجو شير شاهه عدالت ۾9 مئي ڪيس ۾ عمران خان جو ڀاڻيجو شير شاهه عدالت ۾

اهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو پٽ ۽ ڀاڻيجو شير شاهه خان کي پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج منظر علي گل ميڊيا جي نمائندن کي عدالت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته مستقبل ۾ ميڊيا نمائندا صرف ڪاپي ۽ پينسل کڻي عدالت ۾ اچن، موبائل کڻي اچڻ جي اجازت نه هونديعدالت ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ، شير شاهه جي ريمانڊ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو. پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته جوابدار واقعي واري هنڌ تي موجود هو، هٿيار استعمال ڪيو ۽ وڊيو ۾ به موجود نظر اچي رهيو آهي. ان سان گڏ جوابدار جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس به ريڪور ڪيا ويا آهن، تنهنڪري کيس 30 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي وڪيل سلمان اڪرم راجه جو چوڻ هو ته جوابدار کي 27 مهينن کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪا غير قانوني آهي. شير شاهه پنهنجي ڀاءُ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويوياد رهي ته گذريل ڏينهن به عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ عليمه خان جي ٻئي پٽ شاهه ريز عظيم کي ساڳئي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتي عدالت کيس 8 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو.

پنھنجي راءِ لکو