مريم نواز شريف لاهور، راولپنڊي، ملتان، بهاولپور، ڊيره غازي خان، سرگودھا، گجرات ۽ گوجرانوالہ سميت ڪيترن ئي ضلعن جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مڪمل الرٽ رهن. هن واضح ڪيو ته پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان جاري ڪيل الرٽس، ايس او پيز ۽ هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو وڃيوزيراعليٰ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سيلابي صورتحال پيدا ٿئي ته امدادي ٽيمون بروقت متاثر علائقن ۾ موجود هجن. هن هدايت ڪئي ته آبادي جي انخلا لاءِ مسجدن ۽ لاوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪيا وڃن، جڏهن ته ماڻهن کي ايس ايم ايس ذريعي به اڳواٽ اطلاع ڏنو وڃيمريم نواز وڌيڪ چيو ته “متاثر ماڻهن لاءِ ڪلينڪ آن ويل ۽ فيلڊ اسپتالون قائم ڪيون وڃن ته جيئن علاج جون سهولتون فوري طور تي مهيا ٿي سگهن. ساڳي وقت مويشي لاءِ ويڪسين ۽ علاج جي سهولتن کي به يقيني بڻايو وڃي”ن پي ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي حڪم ڏنو ته درياهه جيهلُم، چناب، راوي ۽ ستلج سان لاڳاپيل علائقن ۾ خاص انتظام ڪيا وڃن. خاص طور تي درياهه ستلج سان لڳندڙ وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن جي فوري انخلا لاءِ ريسڪيو، پوليس ۽ ٻين ادارن جي گڏيل ڪوششن کي يقيني بڻايو وڃيوزيراعليٰ وڌيڪ هدايت ڪئي ته مال مويشي جي بروقت منتقلي لاءِ اڳواٽ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته زراعت، آبپاشي، صحت، جنگلات، لائيو اسٽاڪ، مڪاني حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ جا کاتا مڪمل الرٽ تي رهن
