لاهور: پنجاب حڪومت پوليس جي وردين لاءِ بجيٽ 68 ڪروڙ مان وڌائي هڪ ارب 36 ڪروڙ رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهيپوليس ذريعن موجب، هن سال لڳ ڀڳ سوا ٻن لک ورديون خريد ڪيون وينديون، جڏهن ته گذريل سال هڪ لک 39 هزار ورديون به نه خريد ٿي سگهيون هيونتجويز ڪيل بجيٽ سان ٽي شرٽس، جيڪٽس، جوتا ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ شامل هوندو. آءِ جي پنجاب جي حڪم تي ماهوار پري-ڪواليفڪيشن جو عمل پڻ شروع ڪيو ويندوان کان علاوه پنجاب پوليس کي جاپان پوليس جي طريقي تي انفراريڊ ۽ الٽرا سانڪ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهيخريداري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻه ٻه ورديون ۽ ضروري سامان فراهم ڪيو ويندو.
