سنڌ حڪومت طرفان عورتن لاءِ 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي اسڪيم شروع

ڪراچي: سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ طرفان عورتن کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهيصوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم موجب، اها اسڪيم عورتن کي محفوظ ۽ بااختيار بڻائڻ سان گڏ آلودگي گهٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿينديسنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ مطابق، مفت اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن ۾ 20 سيڪڙو اقليتي ڪوٽا رکيو ويو آهي، جڏهن⁠ ته اهل اميدوار 20 کان 45 ورهين تائين عمر رکندڙ صنعتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون هونديون. چونڊ لاءِ ڊيجيٽل قرعه اندازي ڪئي وينديموٽر سائيڪلون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ويب سائيٽ (WWBS) تي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. تصديق لاءِ اي او بي آءِ، سيسي ۽ آجر جو سرٽيفڪيٽ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو