9 مئي جا ڪيس ڏکيا، عليمه خان جي پٽ خلاف ثبوتن تي ڪارروائي ٿي: طلال چوڌري

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جا ڪيس انتهائي ڏکئي نوعيت جا آهن. عليمه خان جي پٽ جي گرفتاري تي ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳ پوليس جي شاهدين جو انتظار ڪرڻ گهرجي طلال چوڌري موجب پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ عليمه خان جي پٽ کي گرفتار ڪيو، قانوني گهرجون پوريون ڪندي انهي کي 24 ڪلاڪن کان به پهريان عدالت ۾ پيش ڪيو ويوهن وڌيڪ چيو ته ڪجهه حلقا اهو تاثر ڏين ٿا ته گرفتاري ۾ دير ٿي، پر حقيقت اها آهي ته پوليس ثبوتن جي بنياد تي قدم کنيو. ها، اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته عليمه خان جي پٽن تائين پوليس دير سان پهتي، پر سوال اهو آهي ته ڇا عليمه خان جا پٽ 9 مئي جي مظاهرن ۾ موجود نه هئا مملڪتي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي ها، پر قانوني عمل ۽ ثبوتن جي نوعيت سبب ڪيسز ڊگها ٿيا. هن زور ڏنو ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي ۽ هر شخص سان مساوي قانوني سلوڪ ڪيو ويندو، پوءِ ڀلي انهي جو ڪنهن به سياسي يا سماجي حيثيت سان تعلق هجي.

پنھنجي راءِ لکو