حڪومت نون صوبن ۽ 27هين ترميم بابت سنجيده ناهي :راڻا ثناءُالله

وفاقي وزير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار، راڻا ثناءُالله چيو آهي ته موجوده حڪومت 27هين ترميم ۽ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت بلڪل به سنجيده ناهيلاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن اسان تي ڪوبه اعتراض نه وڌو آهي ۽ نامزدگي ڪاغذ به منظور ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ 9 سيپٽمبر تي چونڊون ٿينديون ۽ فيصلو ايوان ڪندو راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته اهو هڪ آئيني ۽ قانوني مرحلو آهي جيڪو جمهوريت جي صحتمند روايت جو حصو آهي. ٻن سال اڳ نواز شريف مينار پاڪستان تي تقرير ڪندي چيو هو ته 40 سالن جي سياسي تجربي جو نتيجو اهو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڀ ادارا گڏ ويهن. ان ئي تسلسل ۾ وزيراعظم هن سال يوم آزادي تي “ميثاق استحڪام پاڪستان” جو پيغام ڏنو، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام شامل آهي، جيڪو صرف ڳالهين سان ئي ممڪن آهيهن زور ڏنو ته جيستائين سڀ قوتون گڏجي نه ويهنديون، تيسين مسئلا حل نه ٿيندا. ميثاق استحڪام پاڪستان تي ڳالهين کي لازمي طور تي منتقي انجام تائين پهچڻ گهرجي راڻا ثناءُالله صحافين جي هڪ سوال تي چيو ته آرمي چيف جي برسلز واري دوري بابت صحافي سهيل وڙائچ جو ڪالم صحيح هو، پر پوءِ بيجا بحث، وڊيو لاگز ۽ پوڊ ڪاسٽ ذريعي ان کي وڌايو ويو. سندس وضاحت هئي ته سهيل وڙائچ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي هن وڌيڪ چيو ته گرفتاريون عدالتي حڪمن سان ٿينديون آهن، انهن جو ڳالهين سان ڪو تعلق ناهي. مثال ڏيندي چيائين ته پلوامه واقعي کانپوءِ به پاڪستان شرط نه رکيا ته اسان صرف ڳالهين جي صورت ۾ جواب ڏينداسين. عدالتن جو ڪم فيصلو ڪرڻ آهي، ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي رليف ملي ٿو يا انهن جي خلاف فيصلا اچن ٿا ته تنقيد به قانوني ۽ آئيني حدن اندر رهڻ گهرجي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پاڻ 5 آگسٽ تي احتجاج جو اعلان ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن ان ڏينهن ڪنهن قسم جي ڀڃ ڊاهه يا باهه لڳائڻ جا واقعا ٿيا ته ان جي ذميواري به قبول ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي جا سمورا ماڻهو احتجاج ۾ شامل ٿيا، ڇا انهن کي اڳواڻن ذهناني طور تي تيار نه ڪيو هو؟ هر جڳهه تي اهو نعرو هليو پئي ته “خان آهي ته پاڪستان آهي” ــ جيڪو انهن لاءِ ريڊ لائن بڻايو ويوآخر ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته حڪومت ڪنهن کي به باءِ پاس نه ڪندي. سڀ ڳالهين ۾ گڏ ويهندا ۽ اهو سڀني جي سامهون ٿيندو. نون صوبن ۽ 27هين ترميم بابت افواهن کي رد ڪندي هن چيو ته حڪومت مڪمل طور تي غير سنجيده آهي ۽ اهڙيون ڳالهيون تڏهن هلايون وڃن ٿيون جڏهن ڪا حقيقي خبر نه هجي.هن مذاق ۾ چيو ته “خان جيل ۾ سٺو وقت گذاري رهيو آهي، اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي. کيس ٻه ٻه اي سي ڏنا وڃن، ۽ صبح، ڏينهن ۽ شام جو کاڌو به پي سي سي مان گهرائي ڏنو وڃي.”

پنھنجي راءِ لکو