خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن دوران ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مواصلاتي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي. مواصلات کاتي ۽ تعميرات 15 آگسٽ کان 22 آگسٽ تائين جو تفصيلي جائزو پيش ڪندي رپورٽ جاري ڪئي آهيرپورٽ موجب، صوبي ۾ ٻوڏ جي ڪري 331 روڊن کي 336 هنڌن تي نقصان پهتو، جڏهن ته 493 ڪلو ميٽر تي ٻڌل روڊ تباهه ٿي ويا. انهن مان 57 روڊ اڃا تائين بند آهن. 229 روڊ جزوي طور بحال ٿي ويا آهن ۽ 50 روڊ مڪمل طور کوليا ويا آهن. روڊن جي مرمت ۽ بحالي تي لڳ ڀڳ 9 ارب 45 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهيٻئي طرف، 32 پل به ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. رپورٽ موجب هڪ پل مڪمل طور کوليو ويو، 22 پل جزوي طور ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 9 پل اڃا تائين بند پيا آهن. انهن جي مرمت تي هڪ ارب 12 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ ايندوسڀ کان وڌيڪ نقصان سوات ۾ ٿيو، جتي 79 روڊ 80 هنڌن تي متاثر ٿيا. 32 ڪلو ميٽر تي ٻڌل روڊ مڪمل طور لڙهي ويا. 3 روڊ مڪمل ۽ 75 جزوي طور بحال ڪيا ويا، جڏهن ته 2 اڃا تائين بند آهن. سوات ۾ روڊن جي مرمت تي 45 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ لاڳت اينديبونير ۾ به صورتحال سخت رهي، جتي 32 روڊ متاثر ٿيا. انهن مان 39 روڊ جزوي طور بحال ڪيا ويا، جڏهن ته 4 مڪمل طور تي بند آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بونير ۾ بحالي جي لاڳت ساڍا 4 ارب روپيا لڳندي. صوابي ۾ 41 روڊ متاثر ٿيا جن مان 32 روڊ اڃا تائين بند آهن. صوابي ۾ بحالي تي 2 ارب 76 ڪروڙ روپيا خرچ ايندوسيڪريٽري مواصلات ۽ تعميرات محمد اسرار موجب، حڪومت 15 آگسٽ تي ئي بحالي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ٻئي ڏينهن 70 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا، جن مان 40 ڪروڙ مالاڪنڊ، 10 ڪروڙ هزاره ريجن ۽ 20 ڪروڙ پختونخواهه هاءِ ويز اٿارٽي کي ڏنا ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 186 ننڍيون ۽ وڏيون مشينون بحالي جي ڪم لاءِ لڳائي ويون آهن.
