چيئرمين چنيسر ٽائون فرحان غني خلاف دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل

ڪراچي ۾ چيئرمين چنيسر ٽائون ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني خلاف دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي رپورٽ موجب ڪيس سرڪاري ملازم حافظ سهيل جي مدعيت ۾ فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردي، قتل جي ڪوشش ۽ ٻين قلم شامل ڪيا ويا آهن ايف آءِ آر جي متن مطابق، 22 آگسٽ تي مدعي شاهراهه فيصل سروس روڊ تي فائبر ڪيبل وڇائڻ واري ڪم جي نگراني ڪري رهيو هو ته ان دوران 3 گاڏين ۾ 20 کان 25 ماڻهو اچي پهتا، جن ۾ فرحان غني، قمر احمد شڪيل ۽ ٻيا شامل هئا مدعي موجب جوابدارن پڇا ڪئي ته ڪنهن جي اجازت سان زمين کوٽي رهيا آهيو؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته ڪم سرڪاري آهي ۽ سمورن ادارن جي اين او سي سان ٿي رهيو آهي ان باوجود مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ هٿيارن سان ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار کيس ويجهي پيٽرول پمپ جي ڪمري ۾ وٺي وڃي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، پر بعد ۾ پوليس پهچي کيس ڇُڊائي ٿاڻي تي وٺي وئي ٻئي طرف فرحان غني ٻين 4 ساٿين سميت پاڻ فيروز آباد ٿاڻي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي ان حوالي سان صوبائي وزير سعيد غني ردعمل ڏيندي چيو ته فرحان غني جو گذريل ڏينهن سهيل نالي شخص سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو جيڪو ان جو حق آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته سندس ڀاءُ ۽ ساٿي عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندا.

پنھنجي راءِ لکو