سيڪريٽري تعليم پنجاب جو فيصلو: گلدستا ۽ تحفا ڏيڻ تي پابندي

لاهور: سيڪريٽري تعليم پنجاب خالد نذير وٽو کاتي جي دوري تي ايندڙن کي گلدستا ۽ تحفا ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي انهي سلسلي ۾ سيڪريٽري تعليم سمورن ضلعن جي سي اي اوز کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ واضح هدايت ڪئي وئي آهي ته هاڻ ڪنهن به سرڪاري دوري دوران آفيسرن کي گلدستا يا تحفا پيش نه ڪيا وڃن
خالد نذير وٽو پنهنجي هدايت ۾ چيو:تحفن تي خرچ ٿيندڙ رقم اسڪولن ۽ شاگردن جي فلاح ۽ بهبود تي لڳائي وڃي.سادگي اختيار ڪئي وڃي ۽ نمائشي ڪلچر جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي.تعليم کاتي جي آفيسرن جي دوري تي گلدستا ڏيڻ جي روايت ختم ڪئي وڃي.سيڪريٽري تعليم وڌيڪ هدايت ڪئي ته کاتي جا سمورا آفيسر فوري طور تي هن حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائن.

پنھنجي راءِ لکو