بدين وارڊ نمبر 8 جي رهواسين ايوانِ صحافت آڏو احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن پاڙي ۾ منشيات جو کليل ڪاروبار ٿي رهيو آهي، جنهن سبب علائقي جا ماڻهو تڪليفن جو شڪار آهن. رهاسين اشفاق احمد انصاري، شاهه نواز انصاري ۽ ٻين ٻڌايو ته سول اسپتال روڊ تي ڪجهه بااثر ماڻهو چرس، آئيس، شراب ۽ گٽڪي جو ڪاروبار ڪن ٿا، جتي روزانو اجنبي ماڻهو اچي نشو به ڪندا آهن. سندن چوڻ موجب گذريل ڏينهن جڏهن پاڙي وارن انهن کي نشو ڪري داداگيري ڪرڻ کان روڪيو ته هو حملو ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ويا. مظاهرين جو چوڻ هو ته اهي منشيات فروش اڳ به جيل وڃي چڪا آهن پر آزاد ٿيڻ بعد وري ساڳي سرگرمين ۾ ملوث آهن. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته بدين پوليس سندن ساٿ ڏئي ٿي ۽ رات جو منشيات فروشن جي چوڻ تي رهواسين جي گهرن تي چڙهائي به ڪئي وئي آهي. رهاسين الزام هنيو ته منشيات فروش بااثر ماڻهن جي سياسي ۽ پوليس سطح تي سهڪار حاصل ڪري رهيا آهن، جن ۾ پوليس جمعدار اسلم جوڻيجو ۽ ماتلي ڪورٽ جو پٽيوالي ذوالفقار ٻچو شامل آهن. رهواسين آءِ جي سنڌ، سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات فروشن ۽ ساٿ ڏيندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪري علائقي کي هن عذاب کان نجات ڏني وڃي.
