طڪراچي ـ ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ (ڇنڇر) ڪراچي ۾ ٿيندو. اجلاس عصر جي نماز کان پوءِ موسميات کاتي جي آفيس ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويندو، جتي رويت هلال ڪميٽي جا ميمبر، مذهبي معاملن واري وزارت، سپارڪو، موسميات کاتي ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا نمائندا شرڪت ڪندا ان کان علاوه اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه سميت ٻين وڏن شهرن ۾ به زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيندا، جڏهن ته چنڊ ڏسڻ بابت حتمي اعلان چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مولانا ابوالخبير آزاد ڪندا. ياد رهي ته ان کان اڳ اسپيس اينڊ اپرايٽما سفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) اڳڪٿي ڪئي هئي ته 24 آگسٽ تي ربيع الاول جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهڻا آهن، ڇو ته سامونڊي علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ ۾ 45 منٽن جو فرق ٿيندو. سپارڪو جي ترجمان موجب جيڪڏهن چنڊ ڏٺو ويو ته ربيع الاول جي پهرين تاريخ 25 آگسٽ 2025 تي ٿيندي، ۽ انهي حساب سان 12 ربيع الاول جمعي جي ڏينهن، 5 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي.
