مٽياري: سنڌو درياهه ۾ واڌ، ڪچي جا خاندان بي يارو مددگار، خوراڪ ۽ علاج جي کوٽ

مٽياري ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ مسلسل واڌ سبب ڪچي علائقي جا رهواسي سخت مشڪلاتن ۾ ڦاسي ويا آهن. ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ پڪا علائقن ۾ عارضي طور تي بي يارو مددگار زندگي گذاري رهيا آهن۔ پاڻي جي خطري سبب ڪچي جا لڳ ڀڳ 70 خاندان، يعني اڍائي سئو ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي اچي پڪا تي پهتا آهن، جتي کين خوراڪ ۽ صاف پاڻي جي شديد کوٽ آهي. متاثرن جو چوڻ آهي ته ٻار سخت بيمارين جهڙوڪ پيٽ جون تڪليفون، خارش، مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. متاثر ٿيل ماڻهن ٻڌايو ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، جنهن دوران سندن مال مويشي به مرِي ويا ۽ کين وڏي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي ميڊيڪل ٽيمون ۽ امداد موڪلي، ڇو⁠تہ صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان ڳڻتي جوڳي بڻجي رهي آهي۔رهواسين وڌيڪ خبردار ڪيو ته ڪچي جا بند به سخت زبون حال آهن ۽ ڪيترن هنڌن تان ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي. جيڪڏهن پاڻي جو دٻاءُ وڌيو ته وڏي تباهي جو خطرو آهي۔ متاثرن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين آبپاشي کاتي جو عملو نه پهتو آهي ۽ حفاظتي ڪم به شروع نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب سندن پريشانيون وڌي رهيون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو