وزيراعظم شهباز شريف جي قومي هيروز کي خراجِ تحسين

وزيراعظم شهباز شريف 300 انساني حياتيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي بهادر نوجوانن وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي اسلام آباد ۾ ملاقات لاءِ سڏي ورتو آهي اهي ٽي نوجوان پنهنجي علائقي ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ وڏي سانحي جي خطري بابت وقت سر اطلاع ڏئي سوين انساني زندگيون بچائي مليون آهن۔ وزيراعظم کين قومي هيرو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي فرض شناسي ۽ بهادريءَ جي عظيم مثال بڻجي چڪا آهن شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو “مون سميت سڄي قوم کي وصيت خان، انصار ۽ محمد خان جهڙن بهادر نوجوانن تي فخر آهي۔ انهن پنهنجي ذميواري نڀائي ماڻهن جون زندگيون بچائيون، جيڪي هميشه ياد رکيو ويندو وزيراعظم اعلان ڪيو آهي ته انهن ٽنهي کي خصوصي انعام سان نوازيو ويندو ته جيئن سندن قرباني ۽ بهادري ٻين لاءِ به حوصلي جو مثال بڻجي۔

پنھنجي راءِ لکو