سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار، گهر تباهه، فصل پاڻي هيٺ، ٻه ڄڻا وهڪرن ۾ فوت

سنڌ ۽ پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ٻوڏ صورتحال تيزي سان برقرار آهي، سوين ڪچا گهر درياءَ حوالي ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا آهن۔ بهاوالنگر ۾ ستلج درياءَ جي گنڊا سنگهه واري هنڌ تي وڏو سيلاب اچي ويو، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا۔ ريسڪيو ٽيمون ڪارروائي ڪندي وهڪرن ۾ لڙهي ويل 28 ورهين جي ڪاشف ۽ 7 ورهين جي نويد جا لاش پاڻي مان ڪڍي ورتا۔ سيالڪوٽ ۾ ڊيڪ نالي جو پاڻي ويجهن ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا۔ رحيم يار خان ۾ ٻوڏ سبب 400 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته هزارين ايڪڙ تي پوکيل فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ وهاڙي ۾ به ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته ليه جي تعلقي کهروڙ لعل عيسن ۾ درياءَ جو پاڻي ڪناري سان ڪٽ هڻڻ لڳو آهي۔ سنڌ ۾ به صورتحال سنگين آهي، گهوٽڪي ۾ سنڌو درياءَ جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڪچي جا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ عارضي حفاظتي بند ٽٽڻ ڪري ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته ڪشمور ۾ به گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب خطرو برقرار آهي۔ ٻئي طرف پي ڊي ايم اي پنجاب، جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ انهن سان لاڳاپيل ندي نالن ۾ پاڻي جي وڌيڪ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪندي الرٽ جاري ڪيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو