دهشتگردي جي انت واري عدالت سرڪاري ملازم تي تشدد ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ گرفتار چنيسر ٽائون چيئرمين فرحان غني کي 28 آگسٽ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ٽائون چيئرمين فرحان غني سميت ٻين جوابدارن کي جج آڏو پيش ڪيو ويو. جاچ آفيسر کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جا نالا ۽ انهن تي لڳايل الزام ڇا آهن؟ جنهن تي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن ڪيس جي مدعي ۽ ٻين کي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته مدعي پوليس اهلڪارن جي نگراني ۾ ڪم ڪري رهيو هو عدالت وڌيڪ سوال ڪيو ته مدعي ڪهڙي اداري جو ملازم آهي؟ پر پراسيڪيوٽر عدالت کي ڪوبه واضح جواب نه ڏئي سگهيو. ان موقعي تي پراسيڪيوٽر 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ وٺڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن جاچ مڪمل ڪري سگهجي.عدالت جوابدارن کان پڇيو ته اوهان جو وڪيل ڪٿي آهي؟ جنهن تي فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن ٻڌايو ته اسان وٽ هن وقت ڪو به وڪيل موجود ناهي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هن ڪيس ۾ دهشتگردي (ATA) جا قلم ڇو لڳايا ويا آهن؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته مدعي سميت سرڪاري ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، تنهن ڪري اي ٽي اي جا قلم لاڳو ڪيا ويا. جج وڌيڪ پڇيو ته متاثر ملازم ڪهڙو ڪم ڪري رهيا هئا؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اهي فائبر جي ڪيبل جو ڪم ڪري رهيا هئا. ٻڌڻي دوران چيئرمين فرحان غني عدالت کي ٻڌايو ته مون ڪنهن به شخص کي تشدد جو نشانو ناهي بڻايو، منهنجي مٿان ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي. مان رڳو اتان گذري رهيو هئس ۽ پڇا ڪئي ته اوهان ڪهڙي ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ ڪنهن جي اجازت سان ڪري رهيا آهيو؟ هن وڌيڪ چيو ته مان ٽائون چيئرمين آهيان، منهنجو فرض آهي ته غيرقانوني ڪم کي روڪيان ۽ اجازت بابت پڇا ڪريان. مون روڊ کوٽڻ جو اجازت نامو گهريو پر مون کي اهو نه ڏنو ويو.ان موقعي تي عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا جوابدار کي پوليس گرفتار ڪيو يا پاڻ ٿاڻي تي پيش ٿيا؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار پاڻ ٿاڻي تي آيا هئا، جنهن تي جج حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو: “جوابدار پاڻ ٿاڻي تي پيش ٿين ٿا؟” ان کان پوءِ عدالت جوابدارن کي 28 آگسٽ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي
