مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جي واقعي ۾ عليمه خان جو پٽ به حسان نيازي سان گڏ موجود هو، تنهن ڪري شاهديون گڏ ٿيڻ کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي۔
نجي چينل سان ڳالهائيندي طلال چوڌري وضاحت ڪئي ته حڪومت يا ادارن جو مقصد پي ٽي آءِ کي ٽارگيٽ ڪرڻ ناهي، پر صرف انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جن قانون کي هٿ ۾ کنيو ۽ ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي به صاف لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو قانون ٽوڙيندڙ آهن، انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو وڃي طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته پوليس وٽ ثبوت موجود آهن ته عليمه خان جو پٽ 9 مئي تي حسان نيازي سان گڏ هو، تنهن ڪري قانون مطابق گرفتاريون ڪيون ويون آهن قومي ڊائيلاگ بابت ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته وڏي سطح جي ڳالهين لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پليٽ فارم تي موجود آهن. اسپيڪر اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڊائيلاگ چاهي ٿي ته منهنجي آفيس جا در کليل آهن، پي ٽي آءِ کي اها آڇ قبول ڪرڻ گهرجي ضمني چونڊن بابت سوال تي طلال چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي کان پوءِ جيڪي سيٽون خالي ٿيون آهن، انهن تي اليڪشن ڪرايا ويندا. جنهن به طريقي سان عوام جو فيصلو اچي ٿو، حڪومت ان کي قبول ڪندي
