بدين ۾ پريس ڪلب آڏو ٻوچا برادري پاران هڪ عورت جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عورت مبينا طور تي انصاري برادري طرفان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد صدمي ۾ فوت ٿي وئي اطلاعن موجب، وارڊ 8 جي رهواسي ٻوچا برادري احتجاج ڪندي الزام هنيو ته انصاري برادري طرفان سندن مٿان منشيات وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا ۽ بدين ماڊل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته انهي ڪيس ۾ فوتي عورت جي پٽ جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو، جنهن جي صدمي ۾ عورت جي موت واقع ٿي
مظاهرين الزام هنيو ته شاهنواز انصاري ۽ سندس ساٿين طرفان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جيڪي سراسر بي بنياد آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڪوڙن ڪيسن جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
