لاهور: سوئي نادرن گيس ڪمپني هڪ دفعو ٻيهر گيس جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ اوگرا ڏانهن درخواست جمع ڪرائي آهي. ڪمپني 291 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي گهر ڪئي آهي، جيڪا گيس ۽ ان جي ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾ ڪئي وئي آهي اوگرا جي چيئرمين مسرور احمد خان لاهور ۾ سوئي گيس هيڊ آفيس ۾ ٿيندڙ عوامي ٻڌڻي دوران چيو ته فيصلا ڪمپنين ۽ صارفين ٻنهي جي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا، پر گيس ٽيرف ۾ واڌ ڪرڻ هڪ مجبوري بڻجي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سوئي گيس ڪمپنين جي بينچ مارڪ ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي ڪئي وئي آه چيئرمين اوگرا موجب: سوئي نادرن جي 84 ارب روپين جي بينچ مارڪ ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي.سوئي سدرن جي 57 ارب روپين جي بينچ مارڪ ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي.گڏيل طور تي 141 ارب روپين جي روينيو ريڪوائرمنٽ رد ڪئي وئي آهي.ٻڌڻي دوران سي اين جي، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين انڊسٽريل صارفين قيمتن ۾ واڌ جي سخت مخالفت ڪئي. سي اين جي ايسوسيئيشن جي صدر غياث پراچه چيو ته سوئي نادرن پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بدران سمورو بار صارفين تي وڌي رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪمپني اڳ ۾ 271 روپيه اضافي جي گهر ڪئي هئي ۽ هاڻ 20 روپيه ايل اين جي ٽرانسپورٽيشن چارجز شامل ڪري وڌيڪ بار وڌايو ويو آهي.غور طلب ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ گيس موجود هجڻ باوجود گهريلو، ڪمرشل ۽ انڊسٽريل صارفين کي شديد لوڊشيڊنگ جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. صارفين جو چوڻ آهي ته هو مجبوري طور تي ايل پي جي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته حڪومت کي گهرجي ته گيس جي فراهمي بهتر ڪري ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي. چيئرمين اوگرا ٻڌڻي دوران صارفين کي خاطري ڪرائي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽيرف وڌايو وڃي جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي، پر ٻنهي گيس ڪمپنين جي مالي خساري کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
