راڄوخاناڻي: شهر جي نامياري ڊاڪٽر ۽ ڪاروباري خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار جي گهر مان اڻڄاتل چور 40 تولا سون، 8 لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. واردات ان وقت ٿي، جڏهن ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ سندس پوري فيملي وڏو ڀاءُ سيٺ منومل جي فوتگي سبب ٽن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ تڏي تي موجود هئي
واپسي تي گهر پهچڻ تي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ سندس گهرڀاتين ڏٺو ته گهر جي ٽنهي ڪمرن جون الماريون ٽوڙيل هيون ۽ قيمتي سامان غائب هو. واقعي کان پوءِ گهر جو ماحول ڏک ۽ پريشاني ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن ته فيملي ٻڌايو ته هو سوڳ ۾ هئڻ باوجود هاڻي ٻٽي صدمو محسوس ڪري رهيا آهن. شهر ۾ اها خبر پکڙجڻ شرط سوين ماڻهو، جن ۾ واپاري، سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل هئا، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار جي گهر پهچي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ماڻهن واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته چورن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي طرف راڄوخاناڻي پوليس جي ايس ايڇ او اعجاز سومرو واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پر هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.
