شاهراهه فيصل تي خوفناڪ حادثو، ماءُ پٽ سميت 3 فوت، هڪ عورت زخمي

ڪراچي: شاهراهه فيصل ڊرگ روڊ انڊر باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڊي-11 روٽ جي مسافر مزدا ٻه موٽر سائيڪلن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ فوتين ۽ زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي مسافر مزدا کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ ايس ايڇ او شاهراهه فيصل افتخار احمد آرائين موجب فوت ٿيندڙن ۾:سيما (60 ورهين جي عورت)محمد شعيب (24 ورهين جو نوجوان، پاڪستان نيوي جو ملازم، شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي) محمد حارث (42 ورهين جو، لياري آگره تاج ڪالوني جو رهواسي) زخمي عورت جي سڃاڻپ نائله (24 ورهين جي، شعيب جي گهرواري) جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس مطابق محمد شعيب پنهنجي ماءُ ۽ زال سان گڏ هڪ موٽر سائيڪل تي سوار هو، جڏهن ته حارث ڌار موٽر سائيڪل تي سوار هو. حادثي ۾ شعيب ۽ سندس والده سيما فوت ٿي ويا، جڏهن ته زال نائله سخت زخمي ٿي پ ايس ايڇ او موجب شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مسافر مزدا جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو. گرفتار ڊرائيور به ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هن گاڏي جا گير تبديل ڪري رفتار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گير ڪم نه ڪيو، جنهن ڪري حادثو ٿي ويو. پوليس موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ڊرائيور خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو