اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ جون کان شروع ٿيندڙ تيز برساتن، اوچتي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن سبب صورتحال ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي۔ نيشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي رپورٽ موجب 26 جون کان 25 آگسٽ تائين مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 799 ماڻهو فوت ۽ 1080 زخمي ٿي چڪا آهن
فوتگين ۽ زخمين جو ان فوت ٿيندڙن ۾ 203 ٻار، 476 مرد ۽ 119 عورتون شامل آهن
زخمين جو گڏيل انگ 1080 آهي، جن ۾ 286 ٻار، 531 مرد ۽ 257 عورتون شامل آهن۔
صوبن ۽ علائقن جي صورتحال خيبرپختونخواهه: سڀ کان وڌيڪ 497 فوتگيون ۽ 347 زخمي۔
پنجاب: 165 فوت، 587 زخمي۔
سنڌ: 55 فوت، 71 زخمي۔
بلوچستان: 24 فوت، 5 زخمي۔
گلگت بلتستان: 45 فوت، 42 زخمي۔
آزاد ڪشمير: 23 فوت، 28 زخمي۔
اسلام آباد: 8 فوت، 3 زخمي۔
گهرن ۽ مال مويشي جو نقصان
برساتن ۽ ٻوڏ سبب 7175 گهر متاثر ٿيا۔
5552 چوپايو مال به تباهه ٿي ويو۔
ريسڪيو آپريشن اين ڊي ايم اي موجب ريسڪيو آپريشنز دوران گهٽ ۾ گهٽ 1 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو۔
