حيدرآباد: سانوڻي برسات کي بند ٿيندي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود به حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ مهر علي ڪالوني مان پاڻي نيڪال جو عمل شروع نه ٿي سگهيو، جنهن سبب رهواسي شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔رهواسي پاڻي ۾ گهيرجي ويا برسات سبب ڪيترائي فُٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري هزارين گهر متاثر ۽ لکين خاندانن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي۔ عورتون، ٻار ۽ بزرگ پريشانين جو شڪار آهن۔ بيماري جي صورت ۾ به ماڻهن کي بيٺل پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو، جڏهن ته اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي به ساڳي مشڪل پيش اچي رهي آهي ٻيڙين تي سفر ۽ خود مدد پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهرين کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪاٺ ۽ ڪچري سان ٻيڙيون ٺاهڻيون پيون آهن ۽ اهي ئي ذريعا سندن آمد و رفت جو واحد سهارو بڻيل آهن بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پاڻي بيهڻ سبب علائقي ۾ بجلي به بند آهي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري رهواسين جي زندگي وڌيڪ تڪليفده بڻجي وئي آهي۔فلاحي ادارن جي مدد فلاحي اداري سيلاني طرفان علائقي ۾ محدود ٿي ويل ماڻهن لاءِ کاڌي جو انتظام ڪيو ويو آهي، پر متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته سرڪاري سطح تي تاحال ڪابه سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي
