ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري ادارن کي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت 21 آڪٽوبر تائين ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ خاندان جي 12 ماڻهن خلاف نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) طرفان جاچ شروع ڪئي وئي هئي، جنهن خلاف ڊاڪٽر عارف علوي عدالت سان رجوع ڪيو هو.درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي در ۽ سندس گهرڀاتين جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته NCCIA طرفان درخواستگذار خلاف توهين مذهب جي الزام هيٺ جاچ هلي رهي آهي، جڏهن ته نوٽيس جي باوجود هو پيش نه ٿيادرخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهنجي موڪل خلاف الزام ڪوڙو آهي، جڏهن ته NCCIA کي ڪنهن جا به بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ناهي، پر الزام هڪ تي هوندي به سموري خاندان جا اڪائونٽس منجمد ڪياويا.عدالت حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر عارف علوي، سندس پٽ اواب علوي ۽ ٻين کي گرفتار نه ڪيو وڃي، پر ساڳي وقت سمورن گهر ڀاتين کي NCCIA جي اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
