لاهور: ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ پنجاب جا وڏا درياهه ــ ستلج، راوي ۽ چناب ــ ٻوڏ جي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڀارت وڌيڪ ٻوڏ اچڻ جي وارننگ پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي هاءِ ڪميشن پاران جاري اطلاع موجب: ستلج درياءَ فيروزپور وٽان ٻوڏ وهڪرو داخل ٿي سگهي ٿو. راوي درياءَ مدهو پور کان ٻوڏ وهڪرو اچڻ جو امڪان آهي. چناب درياءَ اکهنور وٽان وهڪرو داخل ٿي سگهي ٿو. نڊس واٽر ڪميشن ڀارتي اطلاع کان پوءِ فلڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪ راوي ۽ چناب لاءِ انتهائي نازڪ آهن، البت موجوده برساتن جو اسپيل ختم ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گهٽ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ٻوڏ سبب پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تباهي مچي وئي آهي ۽ سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. انتهائي تيز ٻوڏ جي ڪري ضلعي انتظاميا پاڪ فوج جي مدد طلب ڪري ورتي آهي. نارووال ۾ راوي درياءَ جو پاڻي ڪرتارپور ڪوريڊور ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سکن جي عبادتگاهه کي سخت نقصان جو خطرو آهي. گردوارا ۾ پاڻي 5 کان 7 فوٽ تائين داخل ٿي ويو آهي. ان سان گڏ نارووال روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جڏهن ته شڪر ڳڙهه هاءِ وي پڻ ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي.
